راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائيون پوري شدت سان جاري رکيون وينديون.پاڪ فوج جي سڌ سماءُ واري کاتي آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير پشاور ۾ ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي کيس خيبر پختونخواهه جي سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگرديءَ خلاف ڪارروائين ۽ سرحدي انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي صوبي ۾ مقرر فوجي فارميشنز جي آپريشنل تيارين بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل دهشتگرديءَ جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطحي آپريشنل تياري برقرار رکڻ ۽ مسلسل چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي. هن آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي ۽ پيشيوراڻين مهارت کي به ساراهيو. ان موقعي تي عاصم منير چيو ته دهشتگرد جتي به هوندا، انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف آپريشن پوري شدت سان جاري رهندا. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حمايت سان پاڪستان دهشتگردن ۽ سندن گمراهه ڪندڙ نظريي کي مڪمل شڪست ڏيندو. آءِ ايس پي آر موجب، چيئرمين آف ڊفينس فورسز پاڪستاني عوام، شهيدن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي غازين جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي.










