پشاور: (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب خيبرپختونخواهه جي علائقي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ڳري مقدار ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو جڏهن ته فورسز جي موثر ڪارروائي جي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي به مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو.آپريشن جي تفصيلن جي باري ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز کان بچڻ لاءِ دهشتگردن مسجدن کي بطور ڍال جي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر فورسز مسجد جي تقدس کي آڏو رکندي انتهائي مهارت سان خارج کي نشانو بنايو.سيڪيورٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فورسز خيبرپختونخواهه ۾ فتنته الخوارج جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي انهي مقصد جي لاءِ ڪارروايون جاري آهن.










