ڊي آءِ خان ۾ ڪارروائي، 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڊي آءِ خان ۾ ڪارروائي، 8 دهشتگرد مارجي ويا

ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 8 دهشتگردن کي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن ۾ فتنته الخوارج جا 3 اهم مک پڻ شامل آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت ڳجهي اطلاع ملڻ کانپوءِ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان پرڏيهي ڪرنسي، وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف فتنته الخوارج جي 8 دهشتگردن کي آپريشن دوران مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي بروقت ڪارروائي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ضروري آهي. شهباز شريف سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي بهادري ۽ عزم کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو