ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ عزمِ استحڪام تحت فتنة الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن، ڊي آءِ خان ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪيل ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن موجب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ 3 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي نيٽ ورڪن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن ۽ اهڙيون ڪارروايون نيٽ ورڪن کي محدود ڪرڻ ۾ اثرائتي ثابت ٿي رهيون آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پڻ ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 8 دهشتگردن کي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جڏهن ته سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويلن ۾ فتنة الخوارج جا 3 اهم سرغنه پڻ شامل هئا.










