چاغي(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ضلعي چاغيءَ جي علائقي دالبندين ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪري ٻن گهربل دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، مارجي ويل دهشتگرد ڪوئيٽا-تفتان شاهراهه تي مسافرن کي هراسان ڪرڻ ۾ ملوث هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل دهشتگرد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکيڙڻ وارين سرگرمين ۾ پڻ ملوث هئا.










