ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ڀارت لاءِ پنهنجي هوائي حدن جي بندش کي هڪ مهيني لاءِ وڌائي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي هڪ نئون نوٽم جاري ڪيو آهي.نوٽام موجب، پاڪستان 23 آڪٽوبر 2026 تائين ڀارتي رجسٽريشن وارن جهازن لاءِ پنهنجي فضائي حدون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نوٽام ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي رجسٽريشن وارن سمورن فوجي ۽ تجارتي جهازن تي پاڪستاني فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي پابندي آهي.قابلِ ذڪر آهي ته پاڪستان 23 اپريل 2025 کان وٺي ڀارت لاءِ پنهنجي فضائي حدون بند رکيون آهن.










