دبر ٿاڻي جي حد مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ

دبر ٿاڻي جي حد مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ

سکر (ن س) دبر ٿاڻي جي حد مان پوليس نامعلوم شخص جو لاش هٿ ڪري ورتو. پوليس جي معرفت ايدهي ايمبولينس ذريعي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو.
قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ باوجود لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جنهن سبب پوليس لاوارث لاش تدفين لاءِ ايدهي سينٽر سکر حوالي ڪري ڇڏيو.
ايدهي سينٽر سکر ۾ لاش کي غسل ۽ ڪفن ڏيڻ بعد نماز جنازه ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ پوليس جي نگراني ۾ اسلامي طريقي سان نواں ڳوٺ قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو