ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهر جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان بجلي جي فراهمي اوچتو معطل ٿي وئي، جيڪا ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ بحال ڪئي وئي. منگھوپير، ڪياماڙي، نيو ڪراچي، سرجاڻي ٽائون، نارتھ ناظم آباد، لائنز ايريا، لياري، قائد آباد ۽ گلشن حديد سميت شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي هئي.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب اي ايڇ ٽي نيٽ ورڪ ۾ ٿوري وقت لاءِ فني خرابي پيدا ٿي، جنهن سبب ڪجهه علائقن ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي. ترجمان جو چوڻ آهي ته متاثر ٿيل ڪجهه علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معمول مطابق جاري آهي.










