اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير پارلياماني معاملن طارق فضل چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرديءَ تي ضابطو آڻڻ بعد صوبي جو انتظام صوبائي حڪومت حوالي ڪيو ويندو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته وزيراعظم مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، وزيراعظم پاڻ مخالف ڌر اڳواڻ کي چيو ته اچو ته ويهي ڳالهيون ڪريون. هن چيو ته بامقصد ڳالهين لاءِ حڪومت جا دروازا کليل آهن، مخالف ڌر سنجيده ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي ڀليڪار ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ آئيني گهرجون پوريون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته صوبي ۾ هاڻي ٽيون مرحلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي. هن چيو ته خيبرپختونخوا مان دهشتگرديءَ جو مڪمل خاتمو ۽ مستقل امن قائم ڪرڻ حڪومت جو مقصد آهي. دهشتگرديءَ کان متاثر 12 ضلعن کي دهشتگردن کان مڪمل طور پاڪ ڪيو ويندو. دهشتگرديءَ تي ضابطو اچڻ کانپوءِ صوبي جو انتظامي نظام صوبائي حڪومت حوالي ڪيو ويندو. طارق فضل چوڌري موجب، صوبي جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ روڊ ميپ تيار آهي. خيبرپختونخوا جو گورنر صوبائي حڪومت جي اختيارن جو مڪمل ڪنٽرول سنڀالي چڪو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت نظر نه ايندي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح دهشتگرديءَ جو خاتمو، امن جو قيام ۽ ترقي آهي. خيبرپختونخوا ۾ اهڙا علائقا موجود آهن، جتي دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون قائم آهن.










