جنگبندي جي تجويز رد، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو

جنگبندي جي تجويز رد، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ٽرمپ پاران ايران جي تجويز رد ڪرڻ بعد ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ، برينٽ تيل 106 ڊالر في بيرل ٿي ويو عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ٿي وئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران تڪرار جي خاتمي ۽ آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ بابت ايران جي تجويز رد ڪرڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه وڌي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب سومر ڏينهن برينٽ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 1.82 ڊالر، يعني 1.74 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ في بيرل قيمت 106.14 ڊالر ٿي وئي.آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) ڪچي تيل جي قيمت ۾ به 1.14 ڊالر، يعني 1.23 سيڪڙو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ في بيرل اگهه 93.55 ڊالر رهيو.آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي 7 ڏينهن واري جنگبندي جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. اخبار موجب ٽرمپ پنهنجي صلاحڪارن کي چيو آهي ته نومبر ۾ مڊٽرم چونڊن کانپوءِ ايران تي ٻيهر بمباري شروع ٿي سگهي ٿي. ٽرمپ کي يقين ناهي ته تهران سندس مطالبا قبول ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو