روس تي پابندين ۾ نرمي کانپوءِ تيل سستو ٿي ويو

روس تي پابندين ۾ نرمي کانپوءِ تيل سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيائي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، جنهن دوران برينٽ ڪچي تيل جي قيمت ۾ ڏيڍ سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽن موجب برينٽ ڪچي تيل جي قيمت گهٽجي 107 ڊالر 92 سينٽ في بيرل ٿي وئي آهي. تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جمعي ڏينهن جاري ڪيل حڪم نامي کانپوءِ ٿي، جنهن تحت روس بابت ڪيتريون ئي تجويز ڪيل پابنديون لاڳو ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ واپس ورتيون ويون. انهن پابندين ۾ روسي شين تي ٽيرف ۽ روس کان تيل ۽ گئس جي خريداري تي لاڳو ٿيڻ واريون پابنديون پڻ شامل هيون. ان کان اڳ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سلامتيءَ جي خطرن سبب عالمي سطح تي تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ جمعي ڏينهن برينٽ ڪچي تيل جي قيمت عارضي طور 110 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي هئي.رپورٽن موجب مئي کانپوءِ پهريون ڀيرو تيل جي قيمت ان سطح تائين پهتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو