اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ راضپو ظاهر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف سان سياسي اڳواڻن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ راجا ناصر عباس صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته جيڪڏهن ٻنهي طرفان سياسي ڪميٽيون ٺاهيندو ته مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته حڪومت جڏهن به ڳالهين جي لاءِ تيار ٿئي، اسان جي طرفان دروازا کليل آهن. هن جو چوڻ هو ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ سنجيده ۽ معنيٰ جوڳيون ڳالهيون ضروري آهن. وزيراعظم هڪ اهڙي ٽيم جوڙيندو جنهن ۾ بااختيار ۽ فيصلو ڪندڙ ماڻهو شامل هجن ته جيئن مسئلن جو عمل جوڳو حل ڪڍي سگهجي.هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر به صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات کان وفاقي سطح تي لاڳاپيل شخصيتن سان رابطا جاري آهن، تازن واقعن جي حوالي سان پنهنجو موقف پهچائي ڇڏيو آهي. بيرسٽر گوهر مطالبو ڪيو ته اهڙن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي جنهن سان صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ واري ٿئي. ڇو ته گرفتاريون حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته هاڻ به وقت آهي ته حالتن کي خراب ٿيڻ کان روڪيو وڃي.هن جو وڌيڪ چيو ته هو پي ٽي آءِ اسلام آباد تي چڙهائي جو ارادو نٿي رکي پر پارليامينٽ، سينيٽ ۽ ٻين فورمز تي آواز اٿارڻ باوجود ڪنهن به قسم جي شنوائي نه ٿئي. هن سوال اٿاريو ته سياسي چيمپين ٻڌائين ته احتجاج کان علاوه اسان وٽ ٻيو ڪهڙو رستو رهجي وڃي ٿو.










