خان  جي اسپتال منتقل واري درخواست تي اعتراض ختم،نمبر الاٽ

خان جي اسپتال منتقل واري درخواست تي اعتراض ختم،نمبر الاٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ واري معاملي تي سندس ڀيڻ عظميٰ خان طرفان داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست تي سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس جو اعتراض ختم ڪري درخواست ٻيهر داخل ڪئي وئي آهي.عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان حڪومت خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ۽ وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو هو.درخواست ۾ عمران خان کي علاج لاءِ شفا اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ سندس طبي ٽيسٽ ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو هو.درخواست تي جلد ٻڌڻي ڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا پڻ سپريم ڪورٽ پهتا هئا.ان کان اڳ سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس اعتراض لڳائي درخواست واپس ڪري ڇڏي هئي. ذريعن موجب رجسٽرار آفيس اعتراض ڪيو هو ته درخواستگذار طرفان ڌرين خلاف توهين عدالت جي الزامن جي فهرست فراهم نه ڪئي وئي آهي.ريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ طرفان رجسٽرار آفيس جو اعتراض ختم ڪري درخواست ٻيهر سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي.هاڻي درخواست تي جلد ٻڌڻي مقرر ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو