استنبول(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سومر ڏينهن چيو آهي ته ترڪي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل ٽه طرفو دفاعي معاهدو هاڻي ”مڪه دفاعي اتحاد“ جي نالي سان سڃاتو ويندو، جڏهن ته ان جو پهريون سيڪريٽري جنرل پاڪستان مان مقرر ڪيو ويندو.
هن اهو اعلان استنبول ۾ معاهدي تحت قائم ڪيل اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي پهرين اجلاس کان پوءِ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
اجلاس ۾ ٽنهي ملڪن جا پرڏيهي ۽ دفاعي وزير، گڏوگڏ اعليٰ فوجي عملدار، استنبول جي چراغان محل ۾ شريڪ ٿيا.
پاڪستان جي نمائندگي چيف آف ڊفينس فورسز (CDF) ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ۽ دفاع واري وزير خواجا آصف ڪئي.
پريس ڪانفرنس دوران فيدان ٻڌايو ته ترڪي سومر ڏينهن اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي ميزباني ڪئي.
هن چيو ته اجلاس ۾ ”معاهدي تي عملدرآمد لاءِ کنيا ويندڙ عملي قدمن“ بابت ڳالهيون ٿيون ۽ ان مقصد لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
فيدان چيو ته: ”اڄ کان اسان اتحاد جي اداري واري ڍانچي قائم ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.“ هن اعلان ڪيو ته معاهدي جو سرڪاري نالو ”مڪه دفاعي اتحاد“ هوندو.
هن چيو ته رياض ۾ اتحاد جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو آهي ۽ ”پهريون سيڪريٽري جنرل اسان جي پاڪستاني ڀائرن مان مقرر ڪيو ويندو.“
فيدان ٻڌايو ته اجلاس دوران اتحاد کي ادارتي شڪل ڏيڻ جو عمل ڪڏهن ۽ ڪيئن شروع ڪيو وڃي، ان بابت فيصلا ڪيا ويا ۽ سڀني ڀائر ملڪن پنهنجي راءِ پيش ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اجلاس ۾ ڪيل فيصلا ”بهترين نتيجا“ ڏيندا.
فيدان چيو ته محفوظ، مستحڪم ۽ خوشحال خطي جي مستقبل لاءِ هي اتحاد عالمي اصولن تي ٻڌل آهي، جن ۾ ٻين رياستن جي خودمختياري جو احترام، علائقائي سالميت جو تحفظ ۽ اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت شامل آهن. هن واضح ڪيو ته هي اتحاد ڪنهن به ملڪ خلاف ناهي.
هن چيو ته اتحاد ڪنهن به ٻئي ملڪ جي شراڪت ۽ شموليت لاءِ کليل آهي، پر ان لاءِ ”ڪجهه شرط، ضابطا ۽ معيار“ موجود آهن.
فيدان وڌيڪ چيو ته اتحاد جي نوعيت اهڙي آهي جو ان جي وڌيڪ ملڪن تائين وڌڻ جي اميد آهي.
اتحاد کي ادارتي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو: ”جيڪڏهن ڪو اتحادي ملڪ شامل ٿيڻ چاهي ٿو ته ان وقت تائين اتحاد کي مناسب طريقي سان فعال ۽ ڪارائتو بڻجي وڃڻ گهرجي.“
هن وڌيڪ چيو ته هي اتحاد ”اسان جي ملڪن کي ٻين معاهدن يا اتحادين تحت موجود ذميوارين کان آزاد نٿو ڪري.“
فيدان اميد ظاهر ڪئي ته سومر واري اجلاس سان ٽنهي ملڪن خطي جي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي ذميواري کڻڻ لاءِ پنهنجي تياري جو مظاهرو ڪيو آهي.
هن چيو: ”اسان دوست ملڪن سان ويجهو سهڪار ڪنداسين ۽ پنهنجين ڪوششن ۾ هم آهنگي جاري رکنداسين.“ فيدان اهو به چيو ته خطي جي ملڪن وچ ۾ اتحاد ۽ اعتماد جي کوٽ سبب سلامتي جا مسئلا پيدا ٿيا آهن.
”مڪه دفاعي اتحاد“ جو پهريون اجلاس
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ٽه طرفي اجلاس جون تصويرون جاري ڪيون. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پوسٽ ۾ ان کي ”شاندار افتتاحي اجلاس“ قرار ڏنو.
Deputy Prime Minister/Foreign Minister Senator Mohammad Ishaq Dar @MIshaqDar50 attended the inaugural meeting of the Strategic Political and Defence Committee, established under the Makkah Joint Defence Agreement, alongside Defence Minister Khawaja Muhammad Asif @KhawajaMAsif and… pic.twitter.com/kxsrmbLykk
— Ministry of Foreign Affairs – Pakistan (@ForeignOfficePk) August 31, 2026
انادولو ايجنسي موجب، ترڪي جي نمائندگي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان، قومي دفاع واري وزير ياشار گولر ۽ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سلجوق بيرقدار اوغلو ڪئي.
سعودي عرب طرفان پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان، دفاع واري وزير شهزادي خالد بن سلمان ۽ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
انادولو ايجنسي هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي، جنهن ۾ اجلاس جا شرڪت ڪندڙ هڪ هال ۾ ويٺل نظر اچن ٿا ۽ وچ ۾ ترڪي جو پرڏيهي وزير فيدان ويٺل آهي. وڊيو ۾ فيدان کي اسحاق ڊار، عاصم منير ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ۽ سلام دعا ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
پرڏيهي آفيس آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت ترڪي ۽ سعودي عرب سان پاڪستان جي ”تاريخي دوستاڻن لاڳاپن“ ۽ خطي ۾ مستقل امن ۽ استحڪام جي خواهش جي عڪاسي ڪري ٿي.
مڪه معاهدي تحت هي پهريون وزارتي اجلاس ٽه طرفي اسٽريٽجڪ ۽ دفاعي سهڪار لاءِ هڪ فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي طرف پهريون قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
ٻطرفيون ملاقاتون
ٽه طرفي دفاعي معاهدي جي پهرين اجلاس کان اڳ، معاهدي تي صحيح ڪندڙ ملڪن جي نمائندن استنبول ۾ ڪيترين ئي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون.
چيف آف ڊفينس فورسز عاصم منير استنبول ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت پهرين اجلاس کان اڳ ترڪي جي قومي دفاع واري وزير ياشار گولر سان ملاقات ڪئي.
ترڪي جي قومي دفاع واري وزارت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ عاصم منير کي گولر سان ملاقات ڪندي ڏيکاريو ويو.
ترڪي جي دفاع واري وزير خواجا آصف سان پڻ الڳ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سلجوق بيرقدار اوغلو پڻ موجود هو.
ريڊيو پاڪستان موجب، خواجا آصف ۽ ترڪي جي قيادت خطي ۾ گڏيل دفاعي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
ان دوران ترڪي جي پرڏيهي وزير فيدان ٽه طرفي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي سعودي هم منصب سان پڻ ملاقات ڪئي.
فيدان آچر ڏينهن اسحاق ڊار سان به ملاقات ڪري چڪو هو. نائب وزيراعظم ۽ آرمي چيف هڪ ڏينهن اڳ ئي ترڪي پهچي چڪا هئا.
پرڏيهي آفيس موجب، استنبول جو دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اسحاق ڊار ترڪي جي پرڏيهي ۽ دفاع وارن وزيرن سان گڏ بشڪيڪ روانو ٿي ويو.
هو وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد سان گڏ شنگهائي تعاون تنظيم (SCO) جي سربراهن جي اجلاس ۽ SCO پلس سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.










