لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي اڳواڻ ميان عثمان اڪرم جي 30 ايم پي او تحت ڪيل نظربنديءَ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ڊپٽي ڪميشنر سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق حيدر پاران عثمان اڪرم جي ڀاءُ هارون اڪبر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته ڊپٽي ڪميشنر منهنجي ڀاءُ ميان عثمان اڪرم کي غير قانوني طور تي نظربند ڪيو آهي، جنهن جو ڪوبه قانوني جواز ناهي. هوڏانهن پنهنجي استدعا ۾ درخواست گذار عدالت کان مطالبو ڪيو ته ڊپٽي ڪميشنر پاران جاري ڪيل نظربنديءَ جو غير قانوني حڪمنامو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڊي سي سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي آيندي ٻڌڻي تائين تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.










