اتر قبرص ۾ ٻيڙي اونڌي، 7 فوت 23 مسافر لاپتا

اتر قبرص ۾ ٻيڙي اونڌي، 7 فوت 23 مسافر لاپتا

قبرص(ويب ڊيسڪ)خودمختيار علائقي طور اعلانيل ترڪ جمهوريه اتر قبرص جي وزيراعظم چيو آهي ته هڪ مسافر ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي ۾7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل تازي بيان ۾ وزيراعظم اونال اوسٽيل چيو ته23 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن، جڏهن ته 237 ماڻهن کي بچايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.
ترڪ گهرو وزارت موجب، ٻيڙي اونڌي ٿيڻ وقت ان ۾ 259 مسافر ۽ عملي جا 8 ڄڻا سوار هئا. حادثو ڪيرينيا بندرگاهه کان 4 ناٽيڪل ميل جي مفاصلي تي پيش آيو.
اونڌي ٿيل فيلو جيٽ (Filo Jet) ٻيڙي هلائيندڙ ڪمپني چيو آهي ته هوءَ ”هن افسوسناڪ حادثي تي تمام گهڻي ڏکويل“ آهي.
هي واقعو اتر قبرص جي سامونڊي حدن ۾ پيش آيو، جيڪو عالمي سطح تي تسليم ٿيل رياست ناهي، پر 1974ع ۾ ترڪي جي قبرص تي فوجي حملي کان پوءِ اهو علائقو ترڪي جي ڪنٽرول هيٺ آهي.
ميرين ٽريفڪ موجب، مسافر ٻيڙي آچر ڏينهن مقامي وقت مطابق 11:58 وڳي (برطانوي سمر ٽائيم مطابق 09:58) اتر قبرص جي بندرگاهه ڪيرينيا کان رواني ٿي هئي.
تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بچاءَ کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو لائف جيڪٽس پائي هڪ ٻيڙي ذريعي بندرگاهه ڏانهن واپس آندا پيا وڃن. ٻين تصويرن ۾ ڪيترائي ماڻهو سمنڊ ۾ اونڌي ٿيل ٻيڙي جي مٿان بيٺل نظر اچي رهيا آهن.
اڃا تائين اها ڄاڻ سامهون نه آئي آهي ته ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن جو تعلق ڪهڙن ملڪن سان هو، ۽ بچايل مسافرن مان زخمين جي حالت ڪيتري سنگين آهي.
ميرين ٽريفڪ موجب، مسافر ٻيڙي آچر ڏينهن مقامي وقت مطابق 11:58 وڳي (برطانوي سمر ٽائيم مطابق 09:58) ڪيرينيا بندرگاهه کان رواني ٿي هئي. ٻيڙي کي ترڪي جي تاسوچو (Tasucu) بندرگاهه تي مقامي وقت مطابق 17:52 وڳي (برطانوي سمر ٽائيم مطابق 15:52) پهچڻو هو.
فيلو ڊينزِلِڪ (Filo Denizcilik) ڪمپني چيو ته فيلو جيٽ نالي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کان پوءِ هن سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمن سان سهڪار ۽ هم آهنگي لاءِ پنهنجا وسيلا متحرڪ ڪري ڇڏيا.
ڪمپني موجب، مسافرن جي مائٽن کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ هاٽ لائن پڻ قائم ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو