اسلام آباد ۾ ڪا به روڊ بند ناهي ڪئي وئي: اطلاعات وزارت

اسلام آباد ۾ ڪا به روڊ بند ناهي ڪئي وئي: اطلاعات وزارت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وزارت چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪا به روڊ بند ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪنٽينر شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ رکيا ويا آهن. وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي عمل ڪندي احتياط طور ڪنٽينر رکيا ويا آهن. اطلاعات واري وزارت موجب حساس تنصيبات ۽ عوامي بنيادي ڍانچي جي تحفظ لاءِ حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. وزارت جو چوڻ آهي ته جانبداراڻي رپورٽنگ گمراهه ڪندڙ ۽ منفي تاثر پيدا ڪري ٿي، جڏهن ته ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا حقيقتن جو متبادل نٿا ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو