اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب واضح ڪيو آهي ته ٽيڪسن جي حوالي سان ڪنهن کي به خاص رعايت نه ڏني پئي وڃي ۽ نه ئي پگهاردار طبقي تي ڪو به نئون اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.لنڊن ۾ پاڪستان انويسٽمينٽ گول ميز کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، خانگي شعبي کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن.حڪومت جي مالي پاليسي جا مثبت نتيجا ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن؛ حڪومتي آمدني ۾ اضافو ۽ مالي توڙي ادارتي سڌارن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته سرڪاري ملڪيت واري ادارن جي سڌاري ۽ نجڪاري جو عمل به اڳتي وڌي رهيو آهي.ناڻي واري وزير پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته معاشي ترقي لاءِ ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ قانونن کي لاڳو ڪرڻ ضروري آهي، ۽ ٽيڪس اختيارين جي صوابديدي اختيارن کي ختم ڪيو ويو آهي.محمد اورنگزيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستاني معيشت کي ٻوڏن ۽ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، ۽ هن نوٽ ڪيو ته وچ اوڀر جي صورتحال عالمي سطح تي تيل جي قيمتن تي به اثرانداز ٿي آهي.وفاقي وزير خزانه، گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، ۽ بين الاقوامي سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ دلچسپي ٻيهر وڌي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪاميابي سان آءِ ايم ايف جا سڀئي جائزا وقت تي مڪمل ڪيا آهن، جڏهن ته ان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ٽي ڀيرا بهتر ٿي آهي.










