اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 4 ڪمانڊرن سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 4 ڪمانڊرن سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي 4 اهم ڪمانڊرن سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز اتر وزيرستان جي علائقن پلنگ زئي، نديم ڪوٽ ۽ ڪوٽ خضري ۾ فتنه الخوارج خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا. ذريعن موجب مارجي ويل اهم دهشتگرد ڪمانڊرن ۾ خارجي خالد رضا، خارجي ڪامران، خارجي موسىٰ ۽ خارجي مفتوم شامل آهن. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته آپريشن دوران فتنه الخوارج جا ڪيترائي ٺڪاڻا پڻ تباهه ڪيا ويا. هوڏانهن صدرِ مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ صدر چيو ته 4 اهم ڪمانڊرن سميت 9 دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي پيشوراڻي صلاحيت ۽ بهادري جو ثبوت آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي پرڏيهي سرپرستن ۽ سندن مقامي سهولتڪارن جون سموريون سازشون ناڪام بڻايون وينديون. آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته فتنه الخوارج خلاف عزمِ استحڪام تحت ڪارروايون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو