ڊيره غازي خان: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير توانائي اويس لغاري جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال جون کان بجلي چوري ڪندڙ فيڊرز جي بجاءِ ٽرانسفارمرز تي لوڊشيڊنگ ٿيندي.ڊيره غازي خان ۾ فاروق احمد خان لغاري انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي توسيع واري منصوبي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهين ۾ وفاقي وزير چيو ته رات جو 2 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي 6 روپيه يونٽ جي بار کان بچايو.اويس لغاري چيو ته سموري ملڪ ۾ انتظامي يونٽ قيام جي لاءِ پارٽي سطح تي مشاورت ٿي رهي آهي، مسلم ليگ(ن) نه صرف ڏکڻ پنجاب ۽ بهاوالپور صوبن جي قيام لاءِ اسيمبلي ۾ قراردادون منظور ڪري چڪي آهي.هن چيو ته فاروق لغاري ايئرپورٽ غير فعال هو، وزيراعظم کان ايئرپورٽ جي توسيع جو منصوبو منظور ڪرايو آهي، ساڍا پنج ارب روپين جي لاڳت سان ايئرپورٽ توسيع منصوبو جاري آهي.اويس لغاري چيو ته ايندڙ سال جي آخر تائين انٽرنيشنل ايئرپورٽ آپريشنل هوندو. رن ويز ڊگها ڪيا پيا وڃن، رات جي وقت به لينڊنگ ٿيندي، ڊيره غازي خان ڊويزن سميت ويجهن ٻين صوبن جي ضلعن مان به مسافر فائدو حاصل ڪري سگهندا.هوڏانهن وفاقي وزير توانائي اويس لغاري توسيعي منصوبي جو جائزو ورتو جتي سردار اويس لغاري کي پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي اختيارين توسيع منصوبي تي بريفنگ ڏني.بريفنگ ۾ اختيارين ٻڌايو ته ايئرپورٽ تي رن وي جي توسيع ۽ رات جي لينڊنگ بابت ڪم ٿيندو. منصوبو ڏيڍ سال ۾ مڪمل ٿيندو. رن وي ڇهه هزار فٽ کان وڌائي 10 هزار فٽ ڪيو پيو وڃي. رن ويز جي ويڪر 30 کان وڌائي 45 ميٽر ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته فاروق لغاري ايئرپورٽ گذريل پنجن سالن کان غير فعال بڻيل آهي.










