ڊرون کان بچڻ لاءِ ڪي پي پوليس ٿاڻن تي ڄار لڳائي ڇڏيا

ڊرون کان بچڻ لاءِ ڪي پي پوليس ٿاڻن تي ڄار لڳائي ڇڏيا

پشاور(ويب ڊيسڪ)دهشتگردن طرفان ڊرون حملن جي وڌندڙ خطري کي نظر ۾ رکندي پشاور ۽ خيبرپختونخوا جي ٻين علائقن ۾ حساس پوليس ٿاڻن ۽ چيڪ پوسٽن تي حفاظتي ڄار لڳايا ويا آهن.
ڊان اخبار جي رپورٽ موجب اختيارين سومر ڏينهن ٻڌايو ته اهڙن حفاظتي انتظامن جي مدد سان متني پوليس ٿاڻي کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيل ڊرون حملن جون ٻه ڪوششون ناڪام بڻايون ويون.
اختيارين موجب، گذريل ڪجهه مهينن دوران دهشتگردن پشاور ۽ ٻين ضلعن ۾ پوليس ٿاڻن ۽ چيڪ پوسٽن کي ڪواڊ ڪاپٽرز ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون آهن.
اختيارين ٻڌايو ته حسن خيل ۾ هڪ گهر تي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا ماڻهو زخمي ٿيا.
تازو چمڪني ۽ متني ٿاڻن جي حدن ۾ واقع ترناب فارم جي هڪ پوليس چيڪ پوسٽ کي به ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا.
پوليس اختيارين چيو ته اهي ڄار ڊرونز ۽ ڪواڊ ڪاپٽرز کي پوليس جي عمارتن ۽ سهولتن کي نشانو بڻائڻ کان روڪڻ ۽ اهلڪارن ۽ عمارتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ لڳايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو