اوسلو(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا جي 85 سالن جي جڳ مشهور قانوندان نَوَنٿيم ”ناوي“ پِلي کي 2026ع جو نوبل امن انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سندس وڏا ڀارت مان لڏي آيا ۽ سندس والد بس ڊرائيور هو. 1967 ۾ پهرين عورت وڪيل طور هن ڪم شروع ڪيو. هوءَ ڇکڻ آفريڪا ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج به رهي ۽ نسل پرستي خلاف اهم فيصلا ڏنا. هوءَ هڪ بهادر ۽ انسان دوست جج سمجهي ويندي آهي. هوءَ عالمي انصاف جي عدالت جي 8 سال جج رهي جنهن ۾ 4 سال صدارت تي رهي. هوءَ ميانمار يعني برما جي انسانيت ڪش معاملن ۾ به جج آهي. تازو هن گڏيل قومن جي فلسطين بابت عالمي فورم جي اڳواڻي به ڪئ .
نوبل ڪميٽي جي چيئرمين يورگن واتني فرائيڊنس چيو ته ناوي پِلي کي امن ۽ عالمي قانون جي واڌاري لاءِ ڪيل ڪوششن جي اعتراف ۾ اهو انعام ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته ناوي پِلي ”عالمي قانون جي دائري ۽ اثر کي نمايان طور وڌايو آهي.“ هن سال جي انعام ماڻيندڙ جو اعلان ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پِلي غيرمعمولي بهادريءَ سان ”وڌيڪ جامع عالمي قانوني نظام“ جي قيام لاءِ اڳواڻي ڪئي آهي.
ناروي جي نوبل ڪميٽي جي چيئرمين سندس ڊگهين خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڏکڻ آفريڪا ۾ وڪيل طور ڪئي، جتي کيس گهري نسلي ۽ سماجي متڀيد کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پِلي وٽ ”اصولن تي قائم مضبوط اخلاقي شعور“ آهي.
هن سال جي نوبل امن انعام جي اعلان واري تقرير جاري رکندي فرائيڊنس چيو ته پِلي ملڪن ۽ اڳواڻن کي سندن عملن لاءِ جوابده بڻايو ۽ متاثر ماڻهن ۾ اميد پيدا ڪئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پِلي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته فردن ۽ رياستن جي ذميواري آهي ته اهي قانون جي حڪمرانيءَ جي پابندي ڪن.
تقرير دوران هن عالمي قانون جي نظام کي درپيش سخت دٻاءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته دنيا ۾ اهڙي تبديلي به ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جنهن کي هو ”طاقت جي سياست“ قرار ڏئي ٿو.
هن چيو ته ”جڏهن طاقت حق ۽ انصاف کان مٿانهين ٿي وڃي ٿي ته اها استحڪام کي نقصان پهچائي ٿي.“
تقرير جي پڄاڻي ڪندي هن چيو ته انصاف ۽ انساني وقار لاءِ ناوي پِلي جو عزم انهن سڀني ماڻهن لاءِ اميد ۽ اتساهه جو ذريعو آهي، جيڪي دنيا کي وڌيڪ پرامن بڻائڻ چاهين ٿا.
نوبل امن انعام جي تاريخ
گذريل سالن دوران نوبل امن انعام 106 ڀيرا، مجموعي طور 143 انعام ماڻيندڙن کي ڏنو ويو آهي. انهن ۾ آمريڪا جا چار صدر به شامل آهن: ٿيئوڊور روزويلٽ، ووڊرو ولسن، جمي ڪارٽر ۽ بارڪ اوباما.
ملالا يوسفزئي سڀ کان ننڍي عمر ۾ نوبل امن انعام حاصل ڪندڙ شخصيت طور تاريخ رقم ڪئي. کيس 2014ع ۾ رڳو 17 سالن جي عمر ۾ اهو انعام ڏنو ويو.
1973ع ۾ ويٽنامي سياستدان لي ڊڪ ٿُو کي ”1973ع ۾ ويٽنام ۾ جنگبنديءَ لاءِ گڏيل ڳالهين ذريعي ڪردار ادا ڪرڻ“ تي نوبل امن انعام ڏنو ويو، پر هن اهو انعام قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس چوڻ موجب جنگبنديءَ جي ڀڃڪڙي ٿي چڪي هئي.
هي انعام هن وقت تائين 112 شخصيتن ۽ 31 تنظيمن کي ڏنو ويو آهي. انعام حاصل ڪندڙ مشهور شخصيتن ۾ نيلسن منڊيلا، مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر ۽ مدر ٽريسا به شامل آهن.










