وزيراعظم سان نعمان محمود جي ملاقات، علائقائي سلامتي تي ڳالهيون

وزيراعظم سان نعمان محمود جي ملاقات، علائقائي سلامتي تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان مڪي دفاعي اتحاد جي پهرئين سيڪريٽري جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعمان محمود ملاقات ڪئي، جنهن دوران دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف عهدي جون ذميواريون سنڀالڻ تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعمان محمود لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته مڪي امن معاهدو خطي ۾ امن، اتحاد ۽ استحڪام لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. هن چيو ته مڪي دفاعي معاهدي تحت پاڪستان، سعودي عرب جي خودمختياري، دفاع ۽ علائقائي سلامتيءَ جي تحفظ لاءِ گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان، سعودي عرب جي پنهنجي دفاع واري جائز حق جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتيءَ جي تحفظ لاءِ پاڪستان جو عزم غيرمتزلزل آهي. ملاقات دوران مڪي دفاعي اتحاد جي سيڪريٽري جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعمان محمود وزيراعظم کي معاهدي جي فريم ورڪ تحت دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت پنهنجي حڪمت عمليءَ کان آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو