ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو دورو ڪري اميگريشن ڪائونٽرن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي هن پرڏيهه ويندڙ مسافرن سان ملاقات ڪري اميگريشن جي طريقيڪار ۽ کين فراهم ڪيل سهولتن بابت ڄاڻ ورتي.وفاقي گهرو وزير اميگريشن ٽيم جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اضافي عملي جي مقرري سان مسافرن جون ڊگهيون قطارون ختم ٿي ويون آهن.محسن نقوي هدايت ڪئي ته اميگريشن جي عمل دوران مسافرن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي ۽ سندن مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن.هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته غير تصديق ٿيل دستاويزن وارن مسافرن کي سفر جي اجازت نه ڏني وڃي، جڏهن ته اميگريشن عملو ضابطن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائي.










