لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن لاءِ تياريون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر رانا ثناءُ الله جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پارٽي عهديدارن کي چونڊن جي تياري شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.ان کان علاوه، رانا ثناءُ الله پارٽي اڳواڻن کي پنجاب ۾ ڊويزن، ضلعي، تحصيل ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي هڪ زوردار مهم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته اجلاس ۾ نون صوبن جي معاملي تي به بحث ڪيو ويو.










