ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب اولڊ سٽي ايريا جو دورو ڪري ايم اي جناح روڊ، نيپئر روڊ، لي مارڪيٽ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي جاري ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو.ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته عوام کي گمراهه ڪندڙ ماڻهو سڄو ڏينهن ڳالهائڻ جا بهانا ڳوليندا رهن ٿا، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي خدمت جي ڪم ۾ مصروف آهي. هن چيو ته مخالفن جي پروپيگنڊا جو بنيادي سبب شهر ۾ جاري ترقياتي ڪم آهن، جنهن ڪري هو سڄو ڏينهن تنقيد ڪري رهيا آهن. ميئر ڪراچي چيو ته هلندڙ سال شهر جون سموريون وڏيون ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ڪراچي کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ ايندڙ هفتي کان اي ڪچهري پڻ شروع ڪئي پئي وڃي.










