هوبي، چين(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چين جي شهر ووهان جي هانيانگ ضلعي ۾ ايڇ بي ايس زيڊ ڪمپني جو دورو ڪيو، جتي ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ ڪي فور پائيپ لائين وڇائڻ ۽ سکر بئراج جا دروازا تبديل ڪرڻ وارن منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
وڏي وزير ايڇ بي ايس زيڊ ڪمپني کي ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ 100 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين وڇائڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچيءَ کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارو منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ پائيپ لائين وڇائڻ جو ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو ويندو.
چيني ڪمپني ڪراچيءَ کي پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ پائيپ لائين وڇائڻ جو ڪم ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو پڻ ايڇ بي ايس زيڊ ڪمپني پهتو، جتي منصوبي جي انتظامي آفيس ۽ منصوبي تي عملدرآمد بابت صلاحڪارن جي عملدارن سندس آجيان ڪئي.
سکر بئراج جي دروازن جو معائنو
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج لاءِ چين ۾ تيار ٿيندڙ دروازن جو معائنو ڪيو. کيس دروازن جي تياري ۽ منصوبي تي اڳڀرائي بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.
وڏي وزير چيو ته سکر بئراج سندس لاءِ انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جي معيشت جي شهه رڳ آهي. هن چيو ته 90 سالن کان پوءِ سکر بئراج جي باقاعده بحاليءَ سان پاڻيءَ جي وهڪري ۾ نمايان بهتري آئي آهي.
سندس چوڻ هو ته سکر بئراج پنهنجي ڪمانڊ ايريا جي لحاظ کان دنيا جي وڏين بئراجن ۾ شامل آهي. چين ۾ سکر بئراج جي بحالي ۽ جديد بڻائڻ لاءِ وڏا دروازا تيار ڪيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هر دروازي جو وزن 50 ٽن کان وڌيڪ آهي. تياري مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اهي دروازا پاڪستان منتقل ڪيا ويندا.
وڏي وزير موجب، سکر بئراج جي 44 دريائي دروازن جي هنڌن تي سول مرمت جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته باقي 10 دروازا به تيار آهن ۽ انهن کي جلد سکر منتقل ڪيو ويندو.
آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ٻڌايو ته سکر بئراج جي واهن جا 110 دروازا پڻ تبديل ڪيا پيا وڃن ۽ چيني ڪمپني انهن جي تياريءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري رکيو پئي اچي.
ڄام خان شورو جي بريفنگ موجب، سکر بئراج منصوبي جي دروازن جي تياريءَ واري ورڪشاپ جي عمارت به مڪمل ٿي چڪي آهي.
وڏي وزير ٻڌايو ته سکر بئراج جي بحاليءَ جو منصوبو 24 فيبروري 2023ع تي شروع ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان کي 30 جون 2027ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير موجب، سکر بئراج جو منصوبو عالمي بئنڪ، پاڪستان حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي مالي سهڪار سان جاري آهي. منصوبي تي پنج مختلف حصن تحت عمل ڪيو پيو وڃي، جن مان پهرين حصي ۾ سکر ۽ گڊو بئراجن جي بحالي شامل آهي.
سنڌ ۽ چيني صوبي هوبي ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جو اعليٰ سطحي وفد چين جي دوري تي آهي. ووهان ۾ وڏي وزير هوبي جي واپار واري کاتي ۽ چائنا ڪائونسل فار دي پروموشن آف انٽرنيشنل ٽريڊ (سي سي پي آءِ ٽي) جي عملدارن سان ملاقات ڪئي.
وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا موجب موجب، سي سي پي آءِ ٽي هوبي ۾ هڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، منصوبابندي ۽ ترقيءَ وارو وزير ڄام خان شورو، سيڙپڪاريءَ بابت وڏي وزير جو خاص معاون سيد قاسم نويد ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا.
سيد مراد علي شاهه هوبي جي چيني سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني. سنڌ ۽ هوبي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جي واڌاري لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
سنڌ جي نمائندگي ڪندي سيد قاسم نويد، جڏهن ته هوبي جي نمائندگي ڪندي ڊائريڪٽر جنرل لونگ شيائوهونگ هن ورڪنگ گروپ جي سربراهي ڪندا.
ملاقات ۾ سنڌ ۽ چين جي صوبي هوبي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ ادارتي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير چيني ڪمپنين کي سنڌ ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي پاڪستان جي اهڙي معيشت بڻائڻو آهي، جيڪا عالمي واپار لاءِ هڪ اهم دروازو ۽ علائقائي واپار جو مرڪز هجي. هن چيو ته سنڌ ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي مارڪيٽن تائين پهچ فراهم ڪري ٿي.
هن چيني ڪمپنين کي سنڌ جي خصوصي اقتصادي زونن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت زراعت، صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ متبادل توانائيءَ جي شعبن ۾ چيني سيڙپڪاريءَ جي آجيان ڪري ٿي.
وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جي پراڻي دوستي هاڻي هڪ جامع اقتصادي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ ۽ هوبي جا پراڻا لاڳاپا عملي اقتصادي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ٿين.
هن چيو ته ووهان، هوبي ۾ موجود هجڻ سندس لاءِ اعزاز آهي ۽ پاڪستان ۽ چين جي دوستي هر ڏکئي وقت ۾ ثابت قدم رهي آهي.
سيد مراد علي شاهه موجب، سال 2026ع پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جو 75هون سال آهي، جنهن جي موقعي تي صوبائي سطح تي اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو موجود آهي. هن پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۽ اقتصادي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو.
صنعت، ٽيڪنالاجي ۽ زراعت ۾ سهڪار جي دعوت
وڏي وزير چيو ته هوبي جي صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجيءَ ۾ جدت ۽ زراعت کي جديد بڻائڻ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته عالمي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جي واڌاري ۾ سي سي پي آءِ ٽي هوبي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ پاڪستان جو اهم واپاري مرڪز ۽ علائقائي واپار لاءِ هڪ منفرد دروازو آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهن ذريعي ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا تائين پهچ حاصل آهي.
وڏي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ، پورٽ قاسم ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) سيڙپڪارن کي وڏين مارڪيٽن تائين رسائي فراهم ڪن ٿا.
هن ٻڌايو ته سنڌ جي خصوصي اقتصادي زونن ۾ چيني سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. ڌاٻيجي، ڪورنگي ۽ خيرپور جا خصوصي اقتصادي زون سيڙپڪاريءَ جا اهم مرڪز آهن، جتي ٽيڪس ۾ رعايتون ۽ هڪ ئي هنڌ مختلف سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
سيد مراد علي شاهه چيني ڪمپنين کي سنڌ ۾ صنعتي ڀائيواري قائم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته زراعت، ڪپڙي جي صنعت، صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ متبادل توانائي سنڌ حڪومت جا ترجيحي شعبا آهن.
هن چيو ته سنڌ هائبرڊ ٻج تيار ڪرڻ ۽ جديد آبپاشيءَ جي نظام لاءِ چين سان سهڪار چاهي ٿي. زرعي مشينري ۽ موسمياتي تبديلين سان مطابقت رکندڙ زرعي ٽيڪنالاجيءَ ۾ پڻ سهڪار جا موقعا موجود آهن.
وڏي وزير موجب، هائبرڊ چانورن، ڪپهه بابت تحقيق ۽ ٻج جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ گڏيل سهڪار جا وسيع امڪان آهن. سنڌ پاڪستان جو زرعي مرڪز آهي ۽ ان جو صنعتڪاريءَ وارو شعبو مقابلي جي صلاحيت رکندڙ پيداواري بنياد فراهم ڪري ٿو.
هن چيو ته نوجوان افرادي قوت ۽ صنعتي ڍانچو سنڌ جي صنعتي صلاحيت جا اهم بنياد آهن.
مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ سهڪار
سيد مراد علي شاهه هوبي جي ٽيڪنالاجي ڪمپنين کي سنڌ ۾ ڀائيواريءَ جي دعوت ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ ڊجيٽل حڪمرانيءَ جي شعبن ۾ سهڪار چاهي ٿي.
هن چيو ته سمارٽ شهرن لاءِ جديد حل ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀائيواريءَ جي آجيان ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت ڊجيٽل تبديلي ۽ جدت تي ٻڌل ترقيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ ترقيءَ سان گڏ جديد انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پڻ سهڪار چاهي ٿي.
وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾ علائقي جي وڏن هوائي ۽ شمسي توانائيءَ جي راهداري منصوبن مان هڪ موجود آهي. سنڌ حڪومت صاف توانائيءَ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سرگرم قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ هوائي، شمسي ۽ گڏيل توانائيءَ جي نظامن جي وڏي صلاحيت موجود آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت چين جي مهارت مان استفادو ڪرڻ چاهي ٿي.
سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم
وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ مضبوط نظام قائم ڪيو آهي ۽ سرڪاري توڙي خانگي شعبي جي گڏيل ڀائيواريءَ لاءِ اثرائتو ڍانچو موجود آهي.
هن چيو ته سيڙپڪارن کي شفافيت ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيون فراهم ڪيون پيون وڃن. سنڌ حڪومت ڊگهي مدي واري سهڪار ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل ڀائيواريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
ووهان ۾ چيني واپارين کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪاروبار لاءِ کليل آهي. هن هوبي جي ڪاروباري ادارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري، جدت ۽ ترقيءَ لاءِ اڳتي اچڻ جي دعوت ڏني.
وڏي وزير چيو ته ٻنهي پاسن جي گڏيل ڪوششن سان واپار، صنعتي ترقي ۽ گڏيل خوشحاليءَ جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا.
گڏيل ورڪنگ گروپ ۽ واپاري وفدن جي مٽاسٽا
ملاقات دوران سنڌ ۽ هوبي جي ڪاروباري تنظيمن ۽ چيمبرن آف ڪامرس وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. سنڌ جي سيڙپڪاريءَ واري کاتي ۽ هوبي جي واپار واري کاتي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
گڏيل ورڪنگ گروپ سيڙپڪاريءَ ۽ ٻطرفي سهڪار جي منصوبن جو جائزو وٺندو ۽ انهن تي اڳڀرائيءَ کي اڳتي وڌائيندو.
وڏي وزير سي سي پي آءِ ٽي هوبي کي ايندڙ سال ڪراچيءَ ۾ ڪاروباري وفد موڪلڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي صوبن جي ڪمپنين کي واپاري ميلن، نمائشن ۽ سرحد پار آن لائين واپار جي پليٽ فارمن ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني وئي.
ملاقات ۾ سرڪاري ادارن، چيمبرن آف ڪامرس، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
چيني عملدارن سنڌ سان صنعتي ترقي، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.
وڏي وزير هوبي جي ڪاروباري اڳواڻن ۽ سيڙپڪارن کي شنگهائي ۾ منعقد ٿيندڙ سنڌ انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ چيني ميزبانن وچ ۾ يادگاري تحفن جي مٽاسٽا پڻ ڪئي وئي.
وڏي وزير جو ’ٿري گورجز ڊيم‘ جو دورو ۽ بريفنگ
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن يانگسي درياهه تي قائم دنيا جي مشهور ٿري گورجز ڊيم جو دورو ڪيو، جتي کيس پن بجليءَ جي پيداوار، ٻوڏن تي ضابطي، پاڻيءَ جي ذخيرن ۽ درياهه جي انتظام بابت چين جي تجربن تي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ڄام خان شورو، محمد بخش مهر، خاص معاون سيد قاسم نويد ۽ سينيئر آفيسرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد جي اڳواڻي ڪندي ڊيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيني اختيارين کيس دنيا جي سڀ کان وڏي پن بجلي گهر جي رٿابندي، تعمير ۽ آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اختيارين وفد کي ٻڌايو ته ٿري گورجز ڊيم جي تعمير لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن ۾ مڪمل ٿي ۽ اهو 2012ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن ڊيم جي بجلي پيدا ڪرڻ جي نصب ٿيل صلاحيت 22,500 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته اهو هر سال 100 ٽيراواٽ ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري ٿو.
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت
نارين جا موبائل فون کڻي فرار ٿيندڙ مک جوابدار گرفتار
ڪراچي: شاهراهه ڀٽو تي ٽن ڪارن ۾ ٽڪر، 1 ڄڻو فوت
ايل پي جي مهانگي، في ڪلو 650 رپيا برقرار
خان جي ڀينرن جي نظربنديءَ ۾ وڌيڪ 30 ڏينهن جي واڌ
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي
پهلوان ڳوٺ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم تي حملو
راولپنڊي: عليمه خان خلاف محفوظ فيصلو چوٿون ڀيرو ملتوي










