ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب موسميات کاتي پاران اڄ کان 16 سيپٽمبر تائين برسات جي اڳڪٿي جي نظر ۾ بلديه عظمٰي ڪراچي سميت سمورن لاڳاپيل بلدياتي ادارن ۽ کاتن کي الرٽ رهڻ ۽ برسات دوران شهرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته برسات دوران ميونسپل سروسز کاتي، انجنيئرنگ کاتي ۽ لاڳاپيل کاتن جو عملو فيلڊ ۾ موجود رهندو ۽ شهر ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل رکيا وڃن.ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ 16 سيپٽمبر تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ کاتا مڪمل طور تي الرٽ رهن ۽ برسات دوران پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جو مظاهرو نه ڪن. هن چيو ته شهر جي چوڪنگ پوائنٽن ۽ نالن تي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ پمپس پهچايا ويا آهن، جڏهن ته مختلف حساس هنڌن تي عملو پڻ ضروري مشينري ۽ سامان سان گڏ موجود رهندو.هن چيو ته قلندريه، زهري هائوس، حب ريور روڊ ۽ ٻين هنڌن تي عملي کي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رکيو ويو آهي. برسات دوران روڊن ۽ هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي جي نيڪال واري عمل جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي ته جيئن شهرين کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي.ميئر ڪراچي چيو ته بلديه عظمٰي ڪراچي سان گڏ واٽر ڪارپوريشن ۽ سالڊ ويسٽ جو عملو پڻ فيلڊ ۾ موجود رهندو ۽ برسات دوران لاڳاپيل ادارا باهمي رابطي ۽ سهڪار سان پنهنجون ذميواريون انجام ڏيندا.ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته بلديه عظمٰي ڪراچي ان کان اڳ به برساتي صورتحال کي بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي ۽ هن ڀيري به سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي شهرين کي رليف فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته گذريل تجربن مان فائدو حاصل ڪندي برسات دوران پاڻي جي نيڪال ۽ ٻين بلدياتي معاملن ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي.هن چيو ته شهرين جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويندو، جيڪو برسات دوران صورتحال جي نگراني ڪندو ۽ شهرين پاران وصول ٿيندڙ شڪايتن تي فوري ڪارروائي يقيني بڻائي ويندي. ميئر ڪراچي واضح ڪيو ته برسات دوران شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ سمورا لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو پنهنجيون ذميواريون مڪمل مستعدي ۽ ذميواري سان انجام ڏين.










