ڪراچي،ڪار جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 1 ڄڻو فوت، 4 زخمي

ڪراچي،ڪار جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 1 ڄڻو فوت، 4 زخمي

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ ۾ تيز رفتار ڪار جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس اختيارين موجب حادثو ميٽرڪ بورڊ آفيس ڀرسان پيش آيو، جتي ڪار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻڻ کانپوءِ فٽ پاٿ سان وڃي ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ فوت ٿيل شخص کاڌي جي پهچائڻ وارو رائيڊر هو. پوليس موجب ڳري مشينري جي مدد سان حادثي جو شڪار ٿيل ڪار کي لاڳاپيل ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو