ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)سنڌ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي ۽ انشورنس ڪمپنين وچ ۾ مفاهمتي يادگيري تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ڊي جي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن سنڌ جي آفيس ۾ منعقد ٿي. تقريب ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ علي احمد بلوچ، ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز ٽيڪسيشن شبانه پرويز، ڊائريڪٽر وحيد احمد شيخ، سينٽرل ڊيپازٽري ڪمپني، انشورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي نمائندن سميت مختلف انشورنس ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي. ٻنهي ادارن وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت حادثن جي صورت ۾ 7 لک رپين تائين فوري ۽ آسان معاوضو فراهم ڪيو ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ علي احمد بلوچ چيو ته سنڌ حڪومت پروونشل موٽر وهيڪلز (ترميمي) ايڪٽ 2026ع تحت روڊن تي هلندڙ گاڏين لاءِ موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس لازمي قرار ڏني آهي، جنهن جو مقصد حادثن جي صورت ۾ متاثر ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن کي فوري مالي سهائتا فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس تحت حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي وارثن کي 7 لک رپين تائين، جڏهن ته مختلف نوعيت جي معذوري يا جسماني نقصان جي صورت ۾ 5 لک رپين تائين معاوضو فراهم ڪيو ويندو، جيڪو عوام دوست قدم آهي. هن چيو ته پروونشل موٽر وهيڪلز (ترميمي) ايڪٽ 2026ع لاڳو ٿيڻ کانپوءِ انشورنس کانسواءِ گاڏي جي رجسٽريشن، منتقلي يا سالياني ٽيڪس جي ادائيگي ممڪن نه رهي آهي. هن قدم سان حادثن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ازالو وڌيڪ منظم ۽ شفاف طريقي سان ممڪن ٿيندو. علي احمد بلوچ چيو ته عوامي آگاهي لاءِ ٽيڪس ۽ اسٽامپ ڊيوٽي سميت مقرر ڪيل انشورنس پريميئم جي تفصيل سنڌ ايڪسائيز کاتي جي ويب سائيٽ www.excise.gos.pk تي پڻ فراهم ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کان هن وقت تائين جن ماڻهن انشورنس جمع ڪرائي آهي، اهي اڄ ٿيل معاهدي جي سمورن نقطن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا. ان موقعي تي سي ڊي سي ۽ آءِ اي پي جي نمائندن چيو ته معاهدي جا نقطا انشورنس ڪمپنين ۽ عوام ٻنهي لاءِ هڪجهڙا فائديمند آهن. هنن پروونشل موٽر وهيڪلز (ترميمي) ايڪٽ 2026ع کي هڪ اهم قدم قرار ڏيندي چيو ته هو وڏي وزير سنڌ، خاص طور تي صوبائي وزير ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سنڌ مڪيش ڪمار چاولا جا ٿورائتا آهن، جن جي ڪوششن سان هي معاهدو عمل ۾ آيو ۽ ايڪٽ جي صورت ۾ نافذالعمل ٿيو.










