شھدادپور (ن س )شھدادپور کان پنجاب ويندڙ عوام ايڪسپريس ٽرين ڳوٺ فضل تلهاڻي وٽ ٽرين جي ٽڪر ۾ ڳوٺ فضل تلهاڻي جي رهواسڻ ٻن ٻارن جي ماءُ ياسمين زال خادم خاصخيلي فوت ٿي وئي.وارثن موجب ياسمين زمين تي ڪم ڪرڻ لاءِ وئي هئي جتي ٽرين جي ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. حادثي کانپوءِ فوتي عورت جو مڙهه شھدادپور سمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.واقعي بابت لنڊو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي










