ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو ڪيس ظاهر

ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو ڪيس ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو هڪ شڪي ڪيس سامهون اچي ويو، 50 ورهين جي شڪي مريض جو تعلق نوابشاهه سان ٻڌايو پيو وڃي.ذريعن موجب مريض کي گذريل ڏينهن ڪراچي جي جناح اسپتال آندو ويو، جتي سندس جسم ۾ منڪي پاڪس سان ملندڙ جلندڙ علامتون ظاهر ٿيون. بعد ۾ مريض کي وڌيڪ چڪاس ۽ علاج لاءِ جناح اسپتال مان سنڌ انفڪيشيئس ڊزيزز اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريض ۾ منڪي پاڪس جي تصديق لاءِ ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن، جن جا نتيجا اچڻ کانپوءِ حتمي صورتحال واضح ٿيندي. مريض جي وارثن موجب کيس اڳ ئي گردن جي بيماري آهي، جڏهن ته سندس تازو پرڏيهي سفر جو ڪو رڪارڊ ناهي. صحت کاتي جي ذريعن موجب هلندڙ سال سنڌ ۾ منڪي پاڪس جا 40 کان وڌيڪ ڪيس تصديق ٿي چڪا آهن. اختيارين موجب منڪي پاڪس ۾ بخار، جسم تي داڻا يا ڇالڙا، جسم ۾ سور ۽ سوجن سميت مختلف علامتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون. بيماري جي تصديق ٿيڻ تائين شڪي مريض سان غيرضروري ويجهو رابطي کان پاسو ڪرڻ ۽ طبي ماهرن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو