ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رات دير سان فون ڪالن جو سلسلو، 3 ڪروڙ رپيا گهرڻ وارو واٽس ايپ پيغام، سوشل ميڊيا اڪائونٽن جو اوچتو غائب ٿي وڃڻ ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي رڪارڊنگ، جنهن مان آخرڪار ڪو به پتو نه پيو پوي؛ مير رضا علي جي زندگيءَ جا آخري 5 ڪلاڪ ۽ 14 منٽ ڪيترن ئي اڻسلجهيل واقعن سان ڀريل آهن.
ايڪسپريس ٽريبيون ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب موبائل فون جي فرانزڪ جاچ ذريعي 28 جولاءِ تي گم ٿيڻ کان اڳ وارن ڪلاڪن ۾ سندس اچ وڃ ۽ رابطن جي تفصيلن کي گڏ ڪري هڪ ٽائيم لائن تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سندس آخري ڄاتل سرگرمين جو منٽ بہ منٽ احوال ڏنو ويو آهي.
واقعن جو سلسلو 27 جولاءِ جي رات دير سان مير رضا ۽ سندس دوستن جي وچ ۾ فون ڪالن سان شروع ٿيو.
رات 11:24 وڳي سندس دوست رازق کيس فون ڪيو، جيڪا ڪال 30 سيڪنڊ جاري رهي. ڇهه منٽ پوءِ مير رضا احمد ڀردي کي فون ڪيو. ٻنهي وچ ۾ رات 11:39 وڳي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪا رازق پاران مير رضا کي ٻيهر فون ڪرڻ کان هڪ منٽ پوءِ ٿي. رات 11:43 وڳي رازق جي هڪ ٻي ڪال آئي، پر اها رڳو ٻن سيڪنڊن تائين جاري رهي.
رات 11:49 وڳي مير رضا پنهنجي دوست سارم بن طاهر کي فون ڪيو، جنهن سان سندس 168 سيڪنڊ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٽن منٽن کان پوءِ هن سارم کي واٽس ايپ تي پيغام موڪلي 3 ڪروڙ رپيا گهريا. پيغام ۾ هن اهو به لکيو ته صبح جو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، جنهن لاءِ هو تيار نه هو. دستياب ٽائيم لائن مان اهو واضح نٿو ٿئي ته سندس ان پيغام مان ڪهڙو مطلب هو.
رات لڳ ڀڳ ڏيڍ وڳي مير رضا ۽ رازق غفار ڪباب هائوس ۾ ماني کاڌي، جنهن کان پوءِ فون ڪالن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿيو.
رات 2:13 وڳي مير رضا علي جماڻي کي فون ڪيو، جنهن ٽن منٽن کان پوءِ کيس واپس ڪال ڪئي. ٻنهي جون ڳالهيون ترتيبوار 42 ۽ 75 سيڪنڊ جاري رهيون. رات 2:23 وڳي مير رضا کي سندس ڪاروباري ڀائيواري عبدالله ڀردي جي ڪال آئي. ٻنهي وچ ۾ 201 سيڪنڊ ڳالهه ٻولهه ٿي.
ان کان پوءِ، رات لڳ ڀڳ 3 وڳي هڪ ٻيو واقعو سامهون آيو: مير رضا جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ٿيڻ شروع ٿي ويا.
سندس مڱيندي سلوا خان اڪائونٽن جي غائب ٿيڻ جو نوٽيس ورتو ۽ واٽس ايپ ڪالن ۽ پيغامن ذريعي ساڻس رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽائيم لائن موجب، کيس صبح 3:58 وڳي تائين مير رضا طرفان ڪو جواب نه مليو.
ان وقت تائين مير رضا سفر ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو.
صبح 3:57 وڳي بائيڪيا جي ڊرائيور احسان الله کي مير رضا جي نمبر تان سواريءَ جي درخواست ملي. سواريءَ جي بڪنگ صبح 4 وڳي ڪئي وئي. صبح 4:02 وڳي تائين مير رضا احمد ڀردي سان واٽس ايپ تي پيغامن جي ڏي وٺ ڪندو رهيو، جڏهن ته هو پنهنجي مڱيندي کي جواب نه ڏئي رهيو هو.
صبح 4:07 وڳي بائيڪيا جي سواري پي اي سي ايڇ ايس ۾ چيز ويلي پهتي.
ٻن منٽن کان پوءِ، صبح 4:09 وڳي سلوا مير رضا جي دوست هيثم کي اطلاع ڏنو ته سندس سوشل ميڊيا جا سمورا اڪائونٽ ڊليٽ ٿي ويا آهن. لڳ ڀڳ ساڳئي وقت سندس واٽس ايپ اڪائونٽ به ڊليٽ ٿي ويو، جنهن واقعي جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو سوال پيدا ڪري ڇڏيو.
صبح 4:11 وڳي چيز ويلي جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي رڪارڊنگ ۾ مير رضا کي هڪ گاڏيءَ جي اڳئين سيٽ تي ويٺل ڏٺو ويو.
ان کان پوءِ کيس فون ذريعي رابطو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر ڪو جواب نه مليو. صبح 4:20 کان 4:22 وڳي جي وچ ۾ سلوا سندس سم واري نمبر تي اٺ ڪالون ڪيون. ساڳئي وقت وافلڪس جي ملازم شهريار به ساڻس رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻنهي کي ڪو جواب نه مليو.
صبح 4:28 وڳي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ مير رضا کي گلستانِ جوهر جي بلاڪ 3 ۾ يونائيٽيڊ چارٽر اسڪول ٻاهران هڪ گاڏيءَ مان لهندي ڏٺو ويو. ان کان پوءِ کيس قلعي واري گهٽيءَ تان يونيورسٽي روڊ ڏانهن ويندي ڏٺو ويو.
ان کان پوءِ به لڳ ڀڳ 10 منٽن تائين سندس اچ وڃ جو پتو پوندو رهيو.
28 جولاءِ تي صبح 4:38 لڳي 27 سيڪنڊن تي هِل ويو روڊ تي هڪ ڪرائي تي گاڏيون ڏيندڙ آفيس جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ مير رضا کي آخري ڀيرو ڏٺو ويو. ان کان پوءِ دستياب رڪارڊنگ ۾ سندس ٻي ڪا به موجودگي سامهون نه آئي.
سندس لاش 29 جولاءِ تي ان هنڌ کان ڪجهه فاصلي تي هٿ آيو، جتي کيس آخري ڀيرو ڏٺو ويو هو.
ٽائيم لائن ڪيترائي سوال اڻجواب ڇڏي ٿي: مير رضا 3 ڪروڙ رپيا ڇو گهريا؟ ڪجهه ڪلاڪن اندر سندس سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڇو غائب ٿي ويا؟ ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ آخري ڀيرو نظر اچڻ کان پوءِ ساڻس ڇا ٿيو؟
موبائل فون جي رڪارڊ ۽ ڪيمرائن جي رڪارڊنگ مان ڪالن، پيغامن ۽ اچ وڃ جي هڪ ترتيب سامهون اچي ٿي. پر سندس گم ٿيڻ جا اصل سبب ۽ اهي واقعا، جيڪي ٻئي ڏينهن سندس لاش هٿ اچڻ تائين پيش آيا، اڃا تائين هن ڪيس جو سڀ کان وڏو راز بڻيل آهن.










