ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر) مير رضا علي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ قائم ڪيل عدالتي ڪميشن عوام کان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اي ميل ايڊريس ۽ واٽس ايپ نمبر جاري ڪري ڇڏيو آهي.
عدالتي ڪميشن موجب، مير رضا ڪيس سان لاڳاپيل معلومات commission_mcr@shc.giv.pk تي اي ميل ذريعي موڪلي سگهجي ٿي، جڏهن ته عوام واٽس ايپ نمبر 0321-3850899 تي پڻ معلومات فراهم ڪري سگهي ٿو.
ياد رهي ته عدالتي ڪميشن معلومات فراهم ڪندڙ ماڻهن لاءِ سنڌ حڪومت کي هڪ لک رپيا انعام مقرر ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.
واضح رهي ته سنڌ حڪومت مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو، جنهن تي عدالت جسٽس عمر سيال کي عدالتي ڪميشن جي سربراهي لاءِ نامزد ڪيو هو.
عدالتي ڪميشن معاملي جي جاچ جو باقاعدي آغاز پڻ ڪري ڇڏيو آهي.










