توانائي واري وزارت خراب حڪمرانيءَ جو مثال قرار

توانائي واري وزارت خراب حڪمرانيءَ جو مثال قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لوڊشيڊنگ سنڌ ۾ هڪ تمام سنگين مسئلو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي نااهلي ۽ بدانتظامي عوام کي تڪليف ۾ وجهي رهي آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ پاڪستان ۾ گورننس جي ناڪامي جي اعليٰ ترين مثال آهي. هن چيو ته حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جهڙيون ڪمپنيون ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي خانگي شعبي کي ڏنو ويو هو، پر ڪراچي ۾ اڃا تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي. اهو مسئلو اسيمبلي ۾ بار بار اٿاريو ويو آهي ۽ اسيمبلي ۾ موجود سڀئي سياسي پارٽيون متفق آهن ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو ماڻهن کي گهربل سهولت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن. هن چيو ته بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون به منافعو ڪمائي رهيون آهن، پوءِ حڪومت هن مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪرڻ لاءِ هڪ مؤثر ميڪنزم ڇو نٿي جوڙي؟ رڳو هڪ ميڪنزم ٺاهڻ يا بجلي جي بلن جي وصولي بابت ڳالهائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، اصل ضرورت اها آهي ته بنيادي سطح تي هڪ اثرائتو نظام جوڙيو ڪيو وڃي. هن چيو ته اهو پڻ ڏسڻ گهرجي ته بجلي جو بل ڪير ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪير نه. جيڪڏهن ڪو صارف بل ادا نٿو ڪري ته ان جي خلاف ڪارروائي جو هڪ جوڳو نظام هجڻ گهرجي، پر اهو پڻ يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيڪي ماڻهو بجلي جو بل باقاعدگي سان ادا ڪري رهيا آهن انهن کي بنيادي بجلي جون سهولتون ڏنيون وڃن. هن چيو ته گرمين ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن بجلي نه هوندي ته ماڻهن کي تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي. اهو ڪيئن قبولڻ جوڳو ھوندو ته سخت گرمي ۾ ماڻهن کي اھڙي ريت تڪليف ۾ رکيو وڃي؟ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهو مسئلو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به اٿارڻ گهرجي ۽ اسان جي پارٽي جا ميمبر پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ هن مسئلي تي آواز اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته مسئلو صرف بجلي تائين محدود ناهي، پاڻي ۽ گئس جي معاملي ۾ به ساڳيا مسئلا درپيش آهن. ڪراچي لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو پڻ تمام اهم آهي، اهو شهر کي فراهم ٿيندڙ پاڻي جو مکيه ذريعو آهي ۽ ڪراچي لاءِ ڪو ٻيو متبادل ذريعو ناهي. هن چيو ته پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي تي سبسڊي ڏني ويندي آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ھتي رڳو بجلي جو مسئلو ناهي، پر پاڻي، گئس، بجلي ۽ هاءِ وي سميت بنيادي سهولتن جي فراهمي سان لاڳاپيل مسئلا آھن. اسان سڀني کي اُن متفق ٿيڻ گهرجي ۽ اختلاف جي ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي. اسان کي انهن سڀني مسئلن کي پارليامينٽ ۾ اٿارڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙو اثرائتو طريقو ٺاهڻ گهرجي جنهن ذريعي لاڳاپيل ادارن کي جوابده قرار ڏئي سگهجي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي-اليڪٽرڪ جي نمائندن کي طلب ڪيو، پر پوءِ به مسئلو حل نه ٿيو. جيڪڏهن سڀئي سياسي پارٽيون هن معاملي تي متفق آهن ته پوءِ انهن کي پنهنجا آئيني ۽ قانوني اختيار استعمال ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي-اليڪٽرڪ پارلياماني ڪميٽي کي مطمئن نه ٿا ڪن ته انهن کي واپس گهرائڻ گهرجي. ساڳي ريت، گئس سان لاڳاپيل ادارن، پاڻي جي ذميوار ادارن ۽ لاڳاپيل وزارتن جي نمائندن کي به پارلياماني ڪميٽي آڏو سڏائڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اهي ادارا پارلياماني ڪميٽي آڏو جوابده نه آهن ۽ قانون جي تحت پنهنجون ذميواريون پوريون نٿا ڪن ته انهن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن مسئلي جو اهو ئي واحد مؤثر حل آهي. ان کان اڳ، قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جي موقعي تي دعا جي درخواست ڪندي، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي انتھڪ محنت، جدوجهد ۽ قربانين ذريعي پاڪستان جي قيام ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. اسان سندس لاءِ دعا گهرون ٿا ۽ سندس خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اڄ اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي قومي زندگي ۾ قائداعظم جي ڏنل “ايمان، اتحاد ۽ تنظيم” جي اصولن کي اختيار ڪنداسين. قائداعظم جو خواب هڪ مضبوط، متحد ۽ عظيم پاڪستان هو ۽ اڄ به سندس پيغام اسان لاءِ مشعل راهه آهي. بدقسمتي سان، اڄ اسان ورهايل آهيون، ڪڏهن اسان سياسي اختلافن جي بنياد تي، ڪڏهن مذهب جي بنياد تي ۽ ڪڏهن ٻولي جي بنياد تي ورهايل آهيون. اسان کي انهن سڀني اختلافن ۽ نفرتن کي ختم ڪرڻ ۽ هڪ قوم بڻجڻو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ اسان کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي سياسي ۽ باهمي اختلافن کي سطح کان مٿي رکندي پاڪستان جي مضبوطي ۽ استحڪام لاءِ متحد ٿينداسين. پاڪستان اندروني چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي يا ٻاهرين مشڪلاتن کي، اسان کي انهن کي هڪ مضبوط ۽ متحد قوم جي حيثيت سان منهن ڏيڻو پوندو. پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي ۽ ان جون سڀئي يونٽ وفاق جو حصو آهن. چئني صوبن کي گڏجي پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هي قائداعظم جي پاڪستان جو خيال هو ۽ اڄ جي ضرورت آهي. نفرت، تعصب ۽ تفرقه انگيز سياست کي ختم ڪندي، اسان کي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي اصولن تي قائم رهڻو پوندو. جيڪڏهن اسان متحد آهيون ته پاڪستان مضبوط ٿيندو ۽ اھا ئي قائداعظم کي سچي ڀيا ھوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو