مڊٽرم کان اڳ ٽرمپ کي وڏو ڌچڪو، ججن تي سخت تنقيد

مڊٽرم کان اڳ ٽرمپ کي وڏو ڌچڪو، ججن تي سخت تنقيد

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)صدر ڊونلڊ ٽرمپ سپريم ڪورٽ جي ججن کي ”خالي کوکلا“ قرار ڏيندي الزام لڳايو آهي ته اهي ”جنوني“ لبرل مفادن جا تابعدار بڻجي ويا آهن. ٽرمپ جو اهو سخت ردعمل ان کان هڪ ڏينهن پوءِ سامهون آيو، جڏهن عدالت وچ مدي وارين چونڊن کان اڳ ٽپال ذريعي ووٽنگ ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ واري سندس منصوبي کي روڪي ڇڏيو.
ٽرمپ اڱاري ڏينهن پنهنجي سماجي رابطن واري پليٽ فارم ”ٽرٿ سوشل“ تي لکيو: ”هي اهي ماڻهو ناهن، جن سان مون آمريڪا جي سپريم ڪورٽ ۾ خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ انٽرويو ڪيو هو؛ اهي ته پنهنجي اصل حيثيت جو رڳو هڪ خول بڻجي رهجي ويا آهن.“
ٽرمپ جي پهرين صدارتي دور ۾ سپريم ڪورٽ لاءِ مقرر ڪيل ٽنهي ججن ــ بريٽ ڪيوانو، نيل گورساچ ۽ ايمي ڪوني بيرٽ ــ عدالت جي اڪثريتي فيصلي سان اختلاف جو اظهار نه ڪيو، جنهن ۾ ٽپال ذريعي ووٽنگ بابت ٽرمپ جون تبديليون روڪيون ويون.
جڏهن ته ٻن ججن، سموئيل اليٽو ۽ ڪلارنس ٿامس، چيو ته هو انهن نون ضابطن کي لاڳو ٿيڻ جي اجازت ڏين ها.
فيصلي تي ڪاوڙيل ٽرمپ سپريم ڪورٽ جي ٻين ڪيترن ئي فيصلن تي به تنقيد ڪئي، جن سندس سياسي ايجنڊا جي مختلف حصن کي روڪيو هو. انهن ۾ ڄمڻ سان ئي آمريڪي شهريت ملڻ کي محدود ڪرڻ ۽ وڏي پيماني تي درآمدي محصول لاڳو ڪرڻ بابت سندس منصوبن کي رد ڪرڻ وارا فيصلا پڻ شامل آهن.
ٽرمپ چيو ته عدالت ”انتهائي حيران ڪندڙ خراب فيصلن ذريعي آمريڪا کي کربن ڊالرن جو نقصان پهچائي رهي آهي“ ۽ اهي فيصلا ايتري وڏي نوعيت جا آهن، جو ”اسان جي ملڪ لاءِ انهن نقصانن مان ٻيهر نڪرڻ يا صحتياب ٿيڻ آسانيءَ سان ممڪن نه هوندو.“
هن وڌيڪ لکيو: ”هي اها عدالت هوندي، جنهن کي اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪجهه سڀ کان وڌيڪ تباهي ڪندڙ، ڏکوئيندڙ ۽ نقصانڪار فيصلا ڏيڻ سبب ياد ڪيو ويندو.“
ٽرمپ چيو: ”منهنجي لاءِ آمريڪا جي سپريم ڪورٽ تي اهڙي تنقيد لکڻ آسان ناهي ــ ممڪن آهي ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين ان جي مون کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي ــ پر جنهن آمريڪا سان اسان محبت ڪريون ٿا، ان لاءِ صدر جي حيثيت ۾ مان ان کي پنهنجو فرض ۽ ذميواري سمجهان ٿو.“
سپريم ڪورٽ ٽرمپ جي ان بيان تي تبصري لاءِ موڪليل درخواست جو جواب نه ڏنو.
ٽرمپ جي سخت احتجاج باوجود، سپريم ڪورٽ ماضي ۾ کيس ڪيترائي اهم فائدا پڻ ڏنا آهن. انهن ۾ 2024ع جو اهو فيصلو به شامل آهي، جنهن ۾ عدالت قرار ڏنو هو ته صدرن کي پنهنجي سرڪاري عملن لاءِ فوجداري ڪيسن کان وسيع تحفظ حاصل آهي.
عدالت تازو ئي ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ بال روم تعمير ڪرڻ واري منصوبي تي ڪم جاري رکڻ جي به اجازت ڏني، جڏهن تاريخي ورثي جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن ان منصوبي کي روڪڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو هو.
تنهن هوندي به، ٽرمپ پنهنجي مقرر ڪيل قدامت پسند ججن کان مايوس ٿيندو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ٻئي صدارتي دور دوران انهن ڪيترن ئي معاملن ۾ سندس حق ۾ فيصلا نه ڏنا آهن.
ٽرمپ اڱاري ڏينهن لکيو: ”سپريم ڪورٽ واقعي اسان جي ملڪ کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي! ڪجهه جج انهن جنوني ۽ اخلاقي طور بگڙيل ڊيموڪريٽن کان ايترا خوفزده آهن، جو اسان جي آمريڪا کي بچائڻ لاءِ گهربل همت جو مظاهرو ڪرڻ کان مڪمل طور قاصر آهن.“
ان جي ابتڙ، ٽرمپ سموئيل اليٽو ۽ ڪلارنس ٿامس ــ جيڪي سندس سياسي ايجنڊا کي برقرار رکڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قابلِ اعتماد ووٽ سمجهيا وڃن ٿا ــ کي ”ڏند ڪٿا“ قرار ڏيندي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو