ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي سومر کان ڪراچيءَ ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪندي پارو 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.موسميات کاتي موجب هن وقت شهر جي موسم جزوي طور ڪڪرن سان ڍڪيل آهي، جڏهن ته ڏکڻ اولهه کان 10 کان 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سومر کان گرميءَ ۾ واڌ جو امڪان آهي، جنهن سبب وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. هوا جي وڌيڪ دٻاءَ سبب شهر ۾ سامونڊي هوائن جي رفتار متاثر ٿيڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. کاتي موجب ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن دوران موسم جزوي طور ڪڪرن سان ڍڪيل رهندي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اندر گرمي پد آڪٽوبر مهيني جي معمول موجب رهڻ جي اميد آهي. ٻئي طرف موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته 12 آڪٽوبر کان نئون الهندو هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهن ۽ اترين علائقن تي اثرانداز ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي.










