اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ذهني صحت قومي سلامتي جو معاملو بڻجي چڪو آهي، بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.گلوبل مينٽل هيلٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ذهني صحت جي شعبي ۾ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ ضروري آهن، ڇو ته ذهني صحت جو بحران ڳڻتي جوڳو رخ اختيار ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ذهني صحت جو مسئلو معيشت ۽ قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ته شعور جي کوٽ سبب ماڻهن کي مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڪائونسلر کان وٺي وزيراعظم تائين هر سطح تي ذهني صحت جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.










