ميهڙ ۾ جهيڙو، فائرنگ، واٽهڙو نينگري قتل،وارثن جو احتجاج

ميهڙ ۾ جهيڙو، فائرنگ، واٽهڙو نينگري قتل،وارثن جو احتجاج

ميھڙ: (ن س) ميهڙ ڀرسان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ واٽھڙو نينگري مارجي وئي، وارٽن پاران لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو.ميھڙ ڀرسان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ واٽھڙو نينگري مارجي وئي، وارثن پاران لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو. ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪولاچي اسٽاپ تي انب کوسو ۽ لونگ کوسو جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪررا تان فائرنگ جي نتيجي ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيل ڳوٺ فيض محمد ڪولاچي واسي 10 ورهين جي عارفه ڌيءَ عبدالستار ڪولاچي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي قتل ٿي وئي.واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو. مارجي ويل نينگري جو لاش تعلقه اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. قتل ٿيل نينگري جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي لاش انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو ھنيو، جنهن سبب ٽريفڪ پڻ متاثر ٿي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو