راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير جي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سان اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ دفاعي تعاون، ادارتي لاڳاپن ۽ پيشوارانه مٽاسٽا کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ مالديپ جي پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مضٻوط بنائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان تعميري رابطن جي ذريعي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي.انهي موقعي تي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشه وارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو.










