اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ ون ٽو ون ملاقات ٿي، جنهن دوران خيبرپختونخوا جي امن امان واري صورتحال ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سياسي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات بلاول ڀٽو زرداري جي چيمبر ۾ ٿي، جتي گهرو وزير محسن نقوي کيس خيبرپختونخوا جي سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. ذريعن موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ڪجهه دير تائين جاري رهي.










