تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه محسن رضائي جو چوڻ آهي ته ثالث هرمز کولڻ لاءِ شرطون گهريون آهن، ۽ هڪ فهرست تيار ڪئي پئي وڃي.محسن رضائي چيو ته شرطن ۾ علائقي ۾ جنگ جو خاتمو پڻ شامل آهي.هن چيو ته عمان سان هرمز جي آبنائي ۾ هڪ سامونڊي رستو قائم ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدو ٿيو آهي، گذرگاهه جو ڪجهه حصو عماني ۾ ۽ ڪجهه ايراني علائقائي پاڻين ۾ هوندو.ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه چيو ته جيڪڏهن آمريڪا شرطن کي قبول ڪري ٿو، ته جهاز هڪ مخصوص رستي ذريعي هرمز جي آبنائي پار ڪري سگهندا.محسن رضائي ٽرمپ جي پٽ کي قتل ڪرڻ جي ايراني سازش جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي.










