ايم ڊي ڪيٽ داخلا امتحان، 138,000 کان وڌيڪ اميدوار شريڪ

ايم ڊي ڪيٽ داخلا امتحان، 138,000 کان وڌيڪ اميدوار شريڪ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ 2026 جو امتحان اڄ سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿي رهيو آهي.ايم ڊي ڪيٽ 2026 جو امتحان ملڪ جي 34 شهرن ۽ هڪ بين الاقوامي مرڪز رياض ۾ قائم ڪيل امتحاني مرڪزن ۾ ورتو پيو وڃي، جنهن ۾ مجموعي طور تي 1 لک 38 هزار کان وڌيڪ اميدوار شرڪت ڪندا.پاڪستان ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪونسل موجب امتحان لاءِ هر صوبي لاءِ الڳ سوالناما تيار ڪيا ويا آهن. امتحان ۾ جيوينائل ڪارڊ جي لازمي شرط ختم ڪئي وئي آهي ۽ ڪارڊ نه رکندڙ اميدوار به ايم ڊي ڪيٽ ۾ شرڪت ڪري سگهندا.ٻئي طرف، ايس ٽي ايس (STS) سوشل ميڊيا تي ايم ڊي ڪيٽ جو مبينا پيپر ليڪ ٿيڻ جي خبرن کي ٻُڌي، انهن کي جعلي قرار ڏيندي اميدوارن کي جعلي پيپرن ۽ گمراهه ڪندڙ مواد تي اعٽماد نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.هوڏانهن سکر ۾ سخت گرمي دوران وي وسي سکر آئي بي بيهوش ٿي ويو جنهن طبي امداد ڏني وئي

پهنجو تبصرو موڪليو