ڪراچي ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو مرتضيٰ وهاب پاران دورو

ڪراچي ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو مرتضيٰ وهاب پاران دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شهر ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو دورو ڪيو ۽ چيو آهي ته ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. دوري دوران ڳالهائيندي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان تي تنقيد ڪندڙ ان ڳالهه تي ناراض آهن ته شهر ۾ ايترا ترقياتي ڪم ڇو ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي ترجيح سياسي بيان بازي نه، پر عملي قدم کڻي شهر ۽ شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ آهي. ميئر موجب، شهر ۾ ترقياتي ڪمن کي تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ ۽ شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو