اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وفد سميت ملاقات ڪئي. ذريعن موجب، ملاقات دوران خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان کي تحريڪ انصاف ۽ حڪومت وچ ۾ جاري ڳالهين بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. جي يو آءِ جي وفد ۾ مولانا لطف الرحمان، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ۽ سينيٽر مولانا عطا الحق درويش شامل هئا. جي يو آءِ جي ترجمان موجب، مولانا فضل الرحمان جي وزيراعظم سان ملاقات سندس دعوت تي ٿي رهي آهي، جنهن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هائوس روانو ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ جي قيادت کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو.










