اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات واري سيڪريٽري شوڪت يوسفزئي پارٽي قيادت کي خط لکي لانگ مارچ فوري طور ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.شوڪت يوسفزئي پاران پارٽي چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ ٻين اڳواڻن ڏانهن لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ لانگ مارچ فوري طور ملتوي ڪيو وڃي. هن ٻاهرين خطرن ۽ دهشتگردي ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.خط ۾ شوڪت يوسفزئي جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ڪجهه معاملن کي بنياد بڻائي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي، تنهن ڪري رياست سان ٽڪراءَ بدران ڳالهين جي راهه هموار ڪئي وڃي. سندس موقف آهي ته افغانستان طرفان امڪاني حملي کي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ جواز طور استعمال ڪيو وڃي سگهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت پاران سهڪار نه ڪرڻ بابت هڪ بيانيو جوڙي رهي آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش به ٿي سگهي ٿي. سندس خدشو آهي ته دهشتگردي جي حمايت جو الزام لڳائي تحريڪ انصاف تي پابندي مڙهڻ جي ڪوشش پڻ ٿي سگهي ٿي.شوڪت يوسفزئي خط ۾ چيو ته پارٽي جي باني چيئرمين عمران خان ماضي ۾ به ڪارڪنن جي جانين جي تحفظ لاءِ لانگ مارچ ختم ڪيو هو. هن پارٽي قيادت تي زور ڀريو ته سندس گذارشات تي سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي.










