فوجي آفيسر هجڻ جو ڊرامو ڪري شهرين کي ڦريندڙ جوابدار گرفتار

فوجي آفيسر هجڻ جو ڊرامو ڪري شهرين کي ڦريندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ڪراچي پاڪ فوج جا آفيسر هجڻ جو ڪوڙو روپ اختيار ڪري شهرين کان رقم ڦريندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.اين سي سي آءِ اي ڪراچي زون جي اختيارين ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جن تي مبينا طور پاڻ کي پاڪ فوج جا آفيسر ظاهر ڪري شهرين سان فراڊ ڪرڻ ۽ انهن کان رقم وصول ڪرڻ جا الزام آهن. گرفتار جوابدارن ۾ مزمل ولد بدرالدين قريشي ۽ حمزه ولد محمد اسلم شامل آهن. اختيارين موجب جوابدار پاڻ کي سينيئر فوجي ۽ سرڪاري آفيسر ظاهر ڪندا هئا. اهي فوجي ۽ سرڪاري کاتن ۾ اثر رسوخ ۽ لاڳاپن جون ڪوڙيون دعوائون ڪري پاڪ فوج جي نالي ۽ وقار جو غلط استعمال ڪندا هئا. جوابدار شهرين کان بدلين، مقررين ۽ ٻين سرڪاري توڙي دفتري ڪمن جي نالي تي پاڻ کي بااختيار فوجي آفيسر ظاهر ڪري وڏي رقم وصول ڪندا هئا. اختيارين موجب جعلي سڃاڻپ ذريعي شهرين کي دوکو ڏنو ويندو هو ۽ سرڪاري ڪم ڪرائڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري پئسا ورتا ويندا هئا. ٻنهي جوابدارن کي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. سندن خلاف ايف آءِ آر نمبر 114/2026 داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ تعزيرات پاڪستان جي قلم 109 ۽ پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) ترميمي ايڪٽ 2025 جي قلمن 13، 14 ۽ 16 جو حوالو ڏنو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو