ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شاهه لطيف ٽائون ۾ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ سان (غير اخلاقي حرڪت) جي الزام هيٺ آيل جوابدار خالد محمود کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، ملير شاهه لطيف ٽائون ۾ ريڊيو پاڪستان گرائونڊ تي پوليس ۽ جوابدارن جي وچ ۾ هڪ مبينا مقابلو ٿيو، باهمي فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار خالد محمود کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن کان غير قانوني هٿيار ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي.پوليس ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ جوابدار کي نوجوان ڇوڪريءَ سان اها غير اخلاقي حرڪت ڪندي ڏيکاريو ويو هو.پوليس موجب، خالد محمود جو اڳوڻو مجرماڻو رڪارڊ پڻ حاصل ڪيو پيو وڃي.










