اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 3.05 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 370.80 رپيا في ليٽر مقرر ٿي وئي، ڊيزل جي قيمت ۾ 5.37 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سان نئين قيمت 398.04 رپيا في ليٽر ٿي وئي،جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 11 سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون.










