لاهور: پرڏيهي عورت سان اجتماعي زيادتي ۾ ملوث جوابدار گرفتار

لاهور: پرڏيهي عورت سان اجتماعي زيادتي ۾ ملوث جوابدار گرفتار

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ڊفينس سي جي علائقي ۾ پرڏيهي عورت سان زيادتي جي واقعي ۾ ملوث هڪ مُک جوابدار محسن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.ذريعن موجب ٻين ٻن جوابدارن احمد تنوير ۽ انهي جو ساٿي زين اڃان تائين مفرور آهن جن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ٽيمون ڇاپا هڻي رهيون آهن.متاثر پرڏيهي عورت ڊيانا کي مبينه زيادتي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سومر تي سخت سيڪيورٽي ۾ لاهور جي ڪينٽ ڪچهري ۾ پيش ڪيو ويو جتي جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد صغير جي آڏو پرڏيهي عورت جو قلم 164 جي تحت بيان قلمبند ڪيو ويو. عورت جو هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين بيان رڪارڊ ڪيو ويو بيان قلمبند ٿيڻ کان پوءِ عورت کي ڳجهي رستي ذريعي عدالت کان ٻاهر آندو ويو.ٻئي طرف متاثر عورت جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ جنسي زيادتي جي تصديق ٿي وئي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته زيادتي ۽ رضامندي سميت سمورن رخن تي جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي مُک جوابدارن جي گرفتاري کان پوءِ ڊي اين اي ڪرايو ويندو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سهولتڪاري ۾ عورت سميت گرفتار 3 ڄڻن معاملي کي شڪي بنائي ڇڏيو آهي، متاثر پرڏيهي عورت جي ٽريول هسٽري ۽ بيان به شڪي آهن. عورت جي ڪپڙي جي ڪاروبار ڪرڻ جون شاهديون به نه ملي سگهيون آهن، عورت جا 3 ڀيرا لاهور اچڻ جا سبب به شڪي آهن، عورت جو لاهور اچڻ تي ڪيترن ئي ماڻهن سان رابطو رهيو.پوليس موجب جوابدارن جي خلاف ڊفينس ٿاڻي سي ۾ پرڏيهي عورت سان مبينه زيادتي جو ڪيس داخل ٿيل آهي. پوليس شروعاتي طور تي انهي ڪيس ۾ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي جن کان جاچ جو سلسلو جاري آهي. پوليس موجب گرفتار ٿيل ماڻهن کان ملندڙ ڄاڻ ۽ ٻين شاهدين جي روشني ۾ مُک جوابدار تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پرڏيهي عورت پوليس کي پنهنجي شروعاتي بيان ۾ ٻڌايو هو ته هو گذريل 15 کان 20 ڏينهن کان ڪاروبار جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ ترسيل آهي. عورت موجب 25 سيپٽمبر جي رات 2 وڳي اڻڄاتل ڇوڪرين سان ڊنر جي لاءِ هڪ ڪيفي ۾ وئي، جتي 3 اڻچاتل موجود هئا.عورت الزام لڳايو ته مذڪوره ماڻهو انهي کي گاڏي تي سير ڪرائڻ جي بهاني هڪ فليٽ تي وٺي ويا، جتي انهن مبينه طور تي نشي آور شيءَ پياري بيهوش ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ٽنهي ڄڻن زيادتي جو نشانو بنايو.

پهنجو تبصرو موڪليو